کراچی ( پ ر) شفيع برفت
چيئرمين جيئي سنڌ متحده محاذ
هڪ بيان ۾، بلوچستان حڪومت هٿياربند گروپن کي اپيل ڪئي آهي ته،
سنڌ جي نالي واري اديب، شاعر ۽ سنڌ دوست قومپرست فيمليءَ سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ بزرگ سائين سعيد احمد ميمڻ جي اغوا ۽ بلوچ سرمچارن (اغوا ڪارن) جي سنڌ دشمن روش تي هڪ اصولي سياسي موقف
سنڌ جي هڪ انتهائي باشعور، محترم ۽ سنڌ دوست سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ بزرگ سعيد احمد ميمڻ، جيڪو اٽڪل 45 ڏينهن اڳ پنهنجي پٽن ۽ هڪ دوست سان گڏ ڪوئٽه ويل هئو، واپسيءَ دوران کيس رستي مان بلوچ سرمچارن پاران اغوا ڪيو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب، سائين سعيد ميمڻ ملازمت تان رٽائرمنٽ بعد ڪوئٽه ۾ ڪو ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ اتي ويل هئا. اتان ئي سرمچارن کي مخبري ڪئي وئي ته "هڪ سنڌي هتي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي اغوا ڪري وڏي رقم اوڳاڙي سگهجي ٿي."
هن دردناڪ واقعي جي خبر مون کي بروقت سندن معزز خاندان پاران ملي هئي. فيمليءَ جو خيال هئو ته مان بلوچ قيادت سان رابطو ڪري همراهه جي باحفاظت بازيابيءَ لاءِ ڳالهايان. واقعي جا جيڪي تفصيل سامهون آيا آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن ته: 8 کان 10 اسڪوٽرن تي ٻن ٻن جي صورت ۾ سوار هٿياربند سرمچارن جڏهن سعيد ميمڻ جي گاڏي کي گهيرو ڪيو (جنهن کي سندن دوست هلائي رهيو هئو ۽ گاڏيءَ ۾ سعيد ميمڻ جا پٽ پڻ سوار هئا)، ته انهن پنهنجو هڪ هٿياربند ماڻهو زبردستي گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ باقي اسڪوٽرن تي اڳتي هلڻ لڳا. ڪجهه فاصلي تي گاڏي پويان رهجي وڃڻ سبب، ڪار ۾ سوار پٽن ۽ دوست پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ان هٿياربند کان بندوق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان هاٿاپائيءَ دوران گولي هلڻ سبب اهو سرمچار سخت زخمي ٿي پيو (جيڪو شايد بعد ۾ مارجي ويو).
جڏهن هنن ان زخميءَ کي گاڏيءَ مان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائين سعيد ميمڻ پڻ ڪار مان هيٺ لٿو. پر گوليءَ جي آواز تي اڳيان ويندڙ اسڪوٽر سوارن تيزيءَ سان گاڏيءَ طرف موٽڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري ڊرائيور خوف ۽ تڪڙ ۾ گاڏي ڀڄائي ڇڏي. نتيجي ۾ سعيد ميمڻ گاڏيءَ ۾ چڙهي نه سگهيو ۽ سرمچارن جي هٿ چڙهي ويو. اها گاڏي اڳتي هلي اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر پري ايف سي جي هڪ چوڪي تائين پهتي، جتي سعيد ميمڻ جي پٽن ۽ دوست سڄي حقيقت بيان ڪئي ته کين اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ سندن والد سعيد ميمڻ بلوچ سرمچارن ( اغوا ڪارن) جي قبضي ۾ اچي ويو آهي ۽ هو مس مس جان بچائي نڪتا آهن.
هاڻي هن پوري صورتحال ۾، جڏهن سنڌ جي هن معزز ۽ سياسي فيمليءَ مون کي بلوچ قيادت سان ڳالهائڻ جو چيو، ته مون کين انتهائي معذرت سان پنهنجو اصولي موقف بيان ڪيو ته: مان اصولي طور تي ان ڳالهه کي درست نٿو سمجھان ته بلوچ تنظيمون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ڏانهن اهڙو نامناسب، حقارت ۽ سنڌ دشمن رويو رکن. ڪڏهن اسان جي معصوم ٻارن ۽ بيگناهه سنڌي مزدورن جو رت وهايو وڃي ٿو، ته ڪڏهن اسان جي سگهڙ اديبن ۽ بزرگن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو. ڪڏنهن سنڌ مان ماڻهن کي ڀنگ لاء اغوا ڪندي بلوچستان کڻي ٿا وڃن هڪ پاڙيسري ۽ تاريخي اتحادي قوم هجڻ جي ناتي، بلوچن کي اهڙي عمل کان ازخود پاسو ڪرڻ گهرجي ها. جيڪڏهن بلوچن جي ان غير اصولي ۽ سنڌ دشمن روش آڏو اسان عاجزي ڪندي ساڻن ڳالهائينداسين، ته مان ان کي سياسي طور تي صحيح نٿو سمجهان. ان قسم جي واقعن سان بلوچ مزاحمتڪار اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته سندن ذهنن ۾ سنڌين لاءِ اها پنهنجائپ، احترام ۽ ڀائيچارو ناهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سدائين بلوچن لاءِ رهيو آهي. جيڪڏهن اسان انهن جي ان جهالت واري ڏاڍ مڙسي ۽ بدماشيءَ تي ساڻن منٿ ميڙ وارو رستو اختيار ڪنداسين، ته ان سان سندن دماغ وڌيڪ خراب ٿيندو. ان ڪري، مان ان سلسلي ۾ بلوچ سرمچارن سان ڪو به رابطو نه ڪندس.
بلوچ سرمچار شايد اهو طي ڪري چڪا آهن ته هو سنڌ کان سياسي ۽ اخلاقي طور پري ٿيڻ چاهين ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ هميشه اهڙي ڪنهن به عمل کي سياسي ۽ اخلاقي گناهه سمجهي ٿي ته ڪنهن به بلوچ اديب، دانشور، سياسي ڪارڪن، مزدور يا عام ماڻهوءَ کي سنڌ ۾ اغوا ڪيو وڃي، ماريو وڃي يا ڪو نقصان پهچايو وڃي. پر ان جي ابتڙ، بلوچ مزاحمتڪار اڃا تائين ان قبائلي ذهنيت ۽ نسل پرست سوچ مان ناهن نڪتا، هنن وٽ ڪنهن ٻي قوم لاءِ برابري، عزت ۽ احترام جي اها معنيٰ ناهي جيڪا اسان وٽ بلوچ قوم ۽ ٻين برادر قومن لاء آهي. تنهنڪري، منهنجو اهو واضح اصولي موقف هئو ته بلوچ سرمچارن ( اغوا ڪارن) رابطو نه ڪندس ۽ ٿيڻ ته ائي گهرجي ته ڪنهن به رابطي کان سواءِ جڏنهن اها خبر پئي ته سعيد ميمڻ هڪ سنڌي آهي ته بلوچن پنهنجي ان سنڌ دشمن عمل تي پشيمان ٿيندي، نه صرف سعيد ميمڻ کي ترت آزاد ڪرڻ گهرجي، پر سنڌي قوم کان معافي وٺندي پاڻ کي سنڌ جو سچو دوست ۽ اتحادي ثابت ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي ها.
پر هاڻي افسوس سان گڏ اها حقيقت پڻ سامهون آئي آهي ته سندن آفيشل ميڊيا پليٽ فارم "بلوچستان پوسٽ" تي بي ايل ايف (BLF) پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ان مارجي ويل اغوا ڪار کي نه صرف پنهنجو اهم انقلابي اڳواڻ قرار ڏنو ويو آهي، بلڪه ان شرمناڪ اغوا جي ڪوشش کي هڪ "انقلابي عمل" جو نالو ڏنو ويو آهي. هي پڌرائي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته هن بزرگ اديب رٽائرڊ ملازم سعيد ميمڻ جي اغوا پويان بلوچ سرمچارن ( اغوا ڪارن) جو ئي هٿ آهن.
مان سنڌ جي قومي تحريڪ پاران بلوچ مزاحمتڪارن کي صرف ايترو چوندس ته: سنڌ جي خلاف بار بار اهڙا ڏوهاري عمل ڪري پاڻ کي سنڌ کان تاريخي طور تي پري نه ڪريو، ۽ پنهنجي سياسي جدوجهد کي اهڙي ڪرمنل اغوا ڪاريءَ جي دلدل ۾ ٻوڙڻ کان بچايو.سائين سعيد ميمڻ سنڌ جو هڪ شعور يافته انسان آهي. سندس حياتي جيتري لکيل آهي، اها هو ضرور گذاريندو، پر جيڪڏهن کيس ڪو به جاني يا مالي نقصان پهتو، ته پوءِ اسان ان قسم جي ڪرمنل ۽ سنڌ دشمن سوچ کي پوري دنيا جي آڏو وائکو ۽ اگهاڙو ڪنداسين. ياد رکو ته ان کان پوءِ سنڌ جو رويو بلوچستان ۽ بلوچن سان اهو همدرديءَ ۽ ڀائيچاري وارو نه هرگز نه رهندو، جيڪو سدائين اسان جي تاريخي سڃاڻپ رهيو آهي، هڪ ڳالهه بلوچ سياسي ڌريون ۽ سرمچار اديب ٻڌي ڇڏين ته سنڌ جي قومي تحريڪ سنڌ جي قومي مفادن ۽ سنڌي قوم جي هر هڪ فرد جي جال مال ۽ عزت جي محافظ آهي اسان واصع ٿا ڪريون ته بلوچ مزاحمت ڪارن مٿان بلوچ سياسي ڌرين اديبن دانشورن کي دٻاءو وجهي نه صرف سعيد ميمڻ جي آزاديء کي يقيني بنائين پر سنڌ ڏانهن پنهنجي ان حقارت ۽ دشمنيء واري روئي تي سنڌي قوم کان معافي پڻ وٺن ٻي صورت ۾ انقلاب انقلاب جي آڙ ۾ ان سرمچارن جيان ڪرمنل مافيائي ذهنيت ۽ سنڌ دشمني خلاف پوري دنيا ۾ کين وائکو ڪيو ويوندو.
#RecoverSaeedMemon
